ڀٽ ڏنو

ڀٽ ڏنو: ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ٽنڊي آدم ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ’ڀٽ ڏنو‘، ’اميد علي چانڊيو‘، ’صالح خاصخيلي‘، ’گهلوار ڳوٺ‘، ’ميروخان ڳوٺ‘، ’صديق بروهي‘، ’بچل خان ٻڏ‘ ۽ ’طفيل آرائين‘. ’ڀٽ ڏني‘ ڳوٺ جي آبادي سون ۾ آهي ۽ هتي پرائمري اسڪول به موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو